دادو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي اڳواڻي ۾ هيپاٽائيٽس بيماري بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي

news

دادو (رپورٽ: ارباب رستماڻي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوڇ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سڪندر جمالي، تعلقي هيلٿ آفيسر عبدالجبار ٻٻر جي اڳواڻي ۾ هيپاٽائيٽس بيماري متعلق عوام سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي سول اسپتال مان ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي واڪ کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوڇ چيوته صوبي  سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي  بيماري يا ڪاري ڪامڻ  هن بيماري جا 5 (اي بي سي ڊي اي) قسم آهن هاڻي هي موذي مرض هاڻي عام بيماري وانگر پکڙجي رهي آهي جيڪا جئيري تي سوڄ جي ڪري ٿئي ٿي ۽ اها وائرس ذريعي اچي ٿي.

هن وڌيڪ چيوته عوام کي ڄاڻ ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته هو هن بيماري بابت پنهنجن عزيزن، پاڙي وارن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪن ۽ ٻڌائين ته ان جو علاج موجود آهي هي بيماري سٺي کاڌي ۽ پاڻي جي صاف ۽ تازي نه هجڻ ڪري بيماري جنم وٺي ٿي  هن هيپاٽائيٽس (اي) ۽ (اي) کان بچاء جو طريقو  اهو آهي ته سٺي کاڌي ۽ پاڻي جي صاف ۽ تازو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽  نڪ، ڪن ٽوپائڻ انجيڪيشن لڳائڻ ڏندن جي علاج دوران اوزارن کان علاوه خاص ڪري حجام وٽ وڃڻ وقت نيئن بليڊ جو استعمال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ هن موذي مرض جي مريضن لاء دادو جي هر سرڪاري اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس بي جا اسڪريننگ ۽ ويڪسين ۽ ٻيون گهربل سهوليتون موجود آهن.

واڪ ۾ ڊاڪٽر احمد علي سميجو، ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو، ڊاڪٽر منير عباسي، ڊاڪٽر سڪندر کوسو،  سرجن سي ايڇ دادو، ڊاڪٽر اي ڪريم ميراڻي، ڊاڪٽر ريحانه چانڊيو، مس صغرا جمالي، ايل ايڇ ايس، ايل ايڇ ڊبليو ايڇ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.