ميرپور ماٿيلو ويجهو جروار ٿاڻي تي پنجاب کان واپار سانگي آيل ٻن عورتن سميت پنج ڄڻن مٿان فراڊ جو ڪيس داخل

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو  ويجهو  جروار ٿاڻي تي پنجاب کان واپار سانگي آيل ٻن عورتن شاهده راجپوت، فرزانه راجپوت، عدنان راجپوت، مير محمد پتافي ۽ معشوق علي گبول سميت پنج ڄڻن مٿان غلام مصطفيٰ مهر جي فرياد تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدارن مون کان واپار جي لاءِ ڏيڍ لک روپيا ورتا هئا هاڻي اهي پئسا مان هنن کان گهريا ته انهن واپس ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

هوڏانهن پوليس ايف آءِ آر ۾ گهربل ٻن عورتن شاهده ۽ فرزانه راجپوت ۽ عدنان راجپوت جي گرفتاري ظاهر ڪري گرفتار جوابدارن کي فرسٽ  سول جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪورٽ  عورتن کي وومين جيل سکر موڪلي ڇڏيو ۽ عورتن سان گڏ گرفتار ڄاڻايل عدنان کي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي موڪلي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن  عورتن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هر سال اسين قرباني جي مال جي واپار سانگي ايندا آھيون  ٽي ڏينهن اڳ اسان کي ڳڙھي چاڪر مان گرفتار ڪري ڪنهن بااثر جي بنگلي ۾ قيد ڪيو ويو هو، بااثر اسان سان پوليس جي موجودگي ۾ گارگند ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مون توهان کي ڏيڍ لک ۾ خريد ڪيو آھي، توهان کي مون وٽ رهڻو پوندو. اسان ان بااثر کي نٿا سڃاڻون پر پوليس ان کي چڱي ريت سڃاڻي ٿي اسان ڪنهن سان فراڊ ناهي ڪيو اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جنهن ماڻهو اسان مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي ان کي اسان سڃاڻيندا به ناهيون ڀل ان همراهه جي سي ڊي آر چيڪ ڪرائي وڃي، اسان سان فراڊ ڪيو ويو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي ويساهه جوڳن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته گرفتار عورتن کي هڪ گروهه ھرکائي 2 لکن عيوض ڪنهن بااثر وٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ پنجاب جي شھر رحيم يار خان مان وٺي آيا طئي ٿيل رقم نه ملڻ بعد عورتن دانهون ڪيون جنهن بعد پوليس پهچي گرفتار ڪري ورتو بعد ۾ پوليس بااثر کي بچائي عورتن سميت پنجن ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو. هوڏانهن ايس ايڇ او جروار وحيد ڀٽو رابطو  ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورتون ٺڳ ۽ بليڪ ميلر آھن پوليس مٿان لڳايل الزام بي بنياد آھن.