سرڪاري ملازمت يا صحافت، ڊي سي ڄامشورو پاران لسٽون طلب

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي)  سرڪاري ملازمت يا صحافت، گوسڙو سرڪاري ملازم صحافين خلاف ڊي سي ڄامشورو ميدان تي اچي ويو. مختلف کاتن کان لسٽون طلب، عيد کانپوءِ ڪارروائي جو امڪان.

تفصيل موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ جي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن پنھنجي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن  کي حڪم ڪيو آھي ته جيڪي به سرڪاري ملازم ملازمت ۽ صحافت ڪري رھيا آھن انھن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنھن تي ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ ضلعي جي مختلف کاتن ـ تعليم،  صحت،  ايريگيشن، بلديات سميت ٻين ادارن ۾ ڪم ڪندڙ انھن ملازمن ۽ آفيسرن  جون لسٽون طلب ڪري ورتيون آھن، جيڪي صحافت سان گڏ سرڪاري ملازمت به ڪري رھيا آھن ۽ ڊيوٽيون به نٿا ڪن.

ان سلسلي ۾ ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ چيو آھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم ۽ ڪمشنر حيدرآباد جي حڪم تي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ۽ لاڳاپيل کاتن ۽ اطلاعات کاتي سميت ڪجھ ٻين ادارن  کان گوسڙو سرڪاري ملازمن جي معلومات ۽ تفصيل ۽ ثبوت گھرايا آھن. سڀاڻي / اڄ ڊي سي آفيس ۾ ميٽنگ رکرائي آھي ۽ عيد کانپوءِ جلد انھن جي خلاف باقائدا ڪارروائي ڪئي ويندي.