مورو ڀرسان ڳوٺ محمد صفر ڍلو جي رهواسي پاران معصوم پٽ سان گڏجي حملو ڪندڙ خلاف احتجاج

news

مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ محمد صفر ڍلو جي رهواسي سڄڻ ڍلو پنهنجي معصوم پٽ وڪيل ۽ ٻين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جتي سڄڻ ڍلو ٻڌايو ته مان پنهنجي معصوم پٽ سان ڳوٺان مورو شهر ۾ عيد جي خريداري لاء آيس ۽ دادو روڊ تي ملو جي هوٽل تي پهتس جتي منهنجي پٽ کي بنا جواز سليم سولنگي پڪڙي هٿ ۾ ڪهاڙي کڻي مارڪٽ ڪئي جنهن کي روڪڻ ۽ جواز پڇڻ تي مون مٿان ڪهاڙي جو وار ڪيو جنهن سبب منهنجي نڪ جي هڏي ٽٽي پئي آهي.

هن چيو ته مان غريب مسڪين آهيان ڪير ٻڌڻ وارو ناهي پوليس به اسان جي نه ٿي ٻڌي هن مطالبو ڪيو ته بنا جواز معصوم نينگر وڪيل ڍلو ۽ سڄڻ ڍلو تي تشدد ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.