ملتان ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف، صحت کاتي مهم شروع ڪري ڇڏي

news

ملتان: (اربع 29 جولاءِ 2020ع)  ملتان ۾ پوليو وائرس جي موجودگي کان پوءِ صحت کاتي سڄي ضلعي ۾ 17 آگسٽ  کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

ملتان جي علائقي علي ٽائون ۽ سورج مياني ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي باري ۾ رپورٽ لاڳيتو پازيٽو اچي رهي آهي جنهن سبب وائرس پکڙجڻ جوخطرو وڌڻ سبب صحت کاتي ڪريش مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته انڪاري والدين سبب صحت کاتي جي ٽيمن جي مهم جي ڪاميابي جي حوالي سان پريشانيون پيش اچي رهيون آهن.

ان لاءِ ضلعي انتظاميه جي خااص هدايتن تي صحت کاتي 17 آگسٽ کان سڄي ضلعي ۾ چئن ڏينهن لاءِ پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

صحت کاتي هينئر تائين 3 انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪيس به داخل ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته مهم جي ڪاميابي ۽ يقيني بنئڻ جي لاءِ سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهن  کان به خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.