هاڻ تربيت حاصل ڪندڙ ڪتا سونگهڻ سان ڪورونا وائرس بابت ٻڌائيندا؟

news

لنڊن: (اربع 29 جولاءِ 2020ع)   يونيورسٽي ويٽرينري ميڊيسن بينوور جي محققين اها دعويٰ ڪئي آهي ته تربيت حاصل ڪندڙ ڪتا سونگهن سان 94 سيڪڙو ڪورونا وائرس بابت ٻڌائيندا. محققين جو چوڻ آهي ته ڪتن ۾ موجود سونگهڻ واري ريسپٽرز انسانن جي مقابلي ۾ 10 هزار ڀيرا طاقتور ۽ صحيح هوندي آهي ان کان اڳ به تربيت حاصل ڪندڙ ڪتا انسانن ۾ مليريا، ڪينسر ۽ ٻئي وائرل انفيڪشن جي موجودگي جي خبر لڳائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. هن مطالعي دوران محققين بنوور ميڊيڪل اسڪول ۽ جرمن هٿياربند فوج جي تعاون سان ڪتن کي تربيت ڏني.  تربيت ماڻڻ کان پوءِ محققين ان ڪتن کان 1000 کان وڌيڪ انساني ٿڪن جا نمونا سونگهڻ جو چيو جيڪي صحتمند ماڻهو ۽ ڪورونا مريضن جي لاءِ ورتا ويا هئا. محققين ان سمورن نمونن کي ملائي رکيو هو ۽ انهن کي به خبر نه هئي ته ان نمونن مان ڪهڙو نمونو ڪورونا وائرس پازيٽو آهي. تربيت حاصل ڪندڙ ڪتن ڪاميابي سان ڪورونا وائرس ۽ صحتمند انسانن جي نمونن کي 94 سيڪڙو  درستگي سان گڏ  ڌار ڪيو. ان مطالعي کان پوءِ محققين اها اميد ظاهر ڪئي آهي ته مستقبل ۾ هي مطالعو ڪورونا وائرس بابت مددگار ثابت ٿيندو.