ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) جوهي واسي مسڪين پورهيت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا، علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل.
ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي ڳوٺ علي مرتضيٰ جي رهواسي مسڪين پورهيت رمضان علي لغاري پنهنجي ڀاڻج علي حسن لغاري سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل هڪ سال کان ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهيان، دادو توڙي ڄامشورو ضلعي جي سرڪار اسپتالن ۾ علاج لاءِ دربدر ٿيندو رهان ٿو پر ڪنهن به اسپتال ۾ مون کي داخل نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي ڪو صحيح علاج ڏنو ٿو وڃي هر هنڌ علاج لاءِ لکين رپيا طلب ڪيا وڃن ٿا، گذريل هڪ هفتي کان ڄامشورو ۾ نمره اسپتال مان علاج ڪرائڻ لاء آيل آهيان جتي نمره وارن به مفت ۾ علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته مسڪين پورهيت آهيان، ٻن ٻارن جو اولاد آهي جن ۾ هڪ پٽ ۽ نياڻي آهي، هن چيو ته مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هيس گذريل هڪ سال کان ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ سبب مون سميت منهنجا معصوم ٻار ۽ گهرواري به سخت پريشان آهن.
هن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي سندس علاج ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي باقي زندگي پنهنجي ٻچن سان گذاري سگهي.