جاتي: جاتي لڳ ڳوٺ جمعون هنڱورجو ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ ڀاءُ حنيف ھنڱورجو پنهنجي ڀيڻ حاجران ولد هاشم ھنڱورجو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندس چاهيندڙ رفيق هنڱورجو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي تعلقه اسپتال جاتي منتقل ڪيو ويو، جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.
جاتي پوليس ٻنهي جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال جاتي منتقل ڪيا جتي ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري حاجران جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سجاول نيو ويو.
ٻئي طرف قاتل حنيف ھنڱورجو پسٽل سميت جاتي ٿاڻي تي پهچي پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي.
هوڏانهن ايس ايڇ او جاتي الهه بخش پرهياڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قتل ڪندڙ جوابدار حنيف پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين ايف آءِ آر داخل نه ٿي آهي.