نوابشاهه لڳ ڳوٺ غلام حيدر مري ۾ بي رحم مڙس پنھنجي زال ٻن ٻارن جي ماءُ کي پيٽرول ھاري باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) سٺ ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حيدر مري ۾ بي رحم مڙس پنھنجي ٻئين زال ٻن ٻارن جي ماءُ مريم کي گھرو اڻبڻت تان پيٽرول ھاري باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

جنھن بعد ناري کي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران ان کان گھر جو ڪم وٺندو رھيو ۽ ناري کي زمين تي گاھه ڪرڻ لاءِ موڪليو ته اتي ناري بيھوش تي وئي جنھن بعد سندس ويڳي پٽ ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جي ٽراما سينٽر ۾ آندو جتي ناري مريم ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجو مڙس ذاڪر مري مون کي پسند نه ڪندو آهي ۽ وقت به وقت مون تي تشدد به ڪندو آھي ۽ جڏھن مان پنھنجي والدين جي گھر وڃڻ لاءِ چيو ته منھنجو مڙس ذاڪر مونتي پيٽرول ھاري مونکي باھه ڏئي ڇڏي، ھن چيو ته مونکي پنهنجي مڙس ذاڪر ۽ سندس ماءُ مان جان جو خطرو آهي مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.