ڄامشورو:مانجھند لڳ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهيو

news

ڄامشورو(حيات خان زهرو) مانجهند لڳ گذريل رات شاھ اويس قرني جي مزار ڏانھن ويندڙ رستي تي اتان جي مقامي ماڻھن نامعلوم نوجوان جو لاش ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو، مانجھند پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقا اسپتال مانجھند آخري اطلاعن تائين نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي.

 ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا موجب  فوتي نوجوان کي ڪو به ڌڪ يا زخم جو نشان نه آهي ۽ نوجوان گرمي سبب فوت ٿيو آھي جڏھن ته ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ ٻڌايو ته  نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي آھي جنھن لاء فوتي نوجوان جي تصوير سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا ۾ ڏني آهي جنھن سان ان جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد  سندس وارث پھچي سگهن ٿا ـ 

ھن چيو ته  ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي گرمي لڳي آھي جنھن جي ڪري ھو گرمي جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو آھي باقي پوليس پنھنجي طرفان جاچ ڪري رھي آهي.