لوئر دير ۾ جنازي جي نماز دوران فائرنگ سبب ڏهه ڄڻا مارجي ويا

news

پشاور: (خميس 30 جولاءِ 2020ع) ڏوراهين ڳوٺ چيراگئي ۾ جنازي جي نماز دوران فائرنگ سبب 10 ڄڻا مارجي ويا. ڊي پي او  لوئر دير  موجب ڏوراهين ڳوٺ چيراگئي ۾ جنازي جي نماز دوران فائرنگ سبب 10 ڄڻا مارجي ويا.

ڌرين  وچ  ۾ پراڻو تڪرار هو  جنهن کان پوءِ هو جنازي جي نماز دوران آمهون سامهون ٿي ويا جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ جي واقعي کان پوءِ دير بالا پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

ڊي پي او ميان نصيب جان فائرنگ سبب 10 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڏکوئيندڙ واقعي ۾ ڪيترائي شهري به زخمي ٿيا آهن. ڊي پي او دير بالا ٻڌايو ته هٿياربندن طرفان فائرنگ جنازي جي نماز دوران ڪئي وئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ راولپنڊي جي علائقي چونتره ۾ به زمين جي تڪرار تان فائرنگ ڪري عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو.