ڄامشورو جي وياجين منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، پورهيت صحافين اڳيان دانهين
ويب ڊيسڪ | 6 مھينا پھريان

ڄامشورو(رپورٽ:حيات خان زهرو) ڄامشوروسينڊوز روڊ رهواسي پورهيت ڪليم الله تنيو پنهنجي ٻن معصوم پٽن امان الله تنيو ۽ نصرالله تنيو سان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڄامشوري جي مشهور وياج خورن منهنجي خلاف پريس بيان ڏنو هو.
هن چيو ته روشن ساکاڻي چانڊيو ۽ ان جي ڀاءۡ نصرالله ساکاڻي چانڊيو منهنجي پٽ سجاد تنيو کي 14 هزار رپيا ڏنا جيڪي وياج وڌائي وڃي 70 هزار ٿيا، اهي به انهن کي ڏنا ويا پر ان باوجود به انهن 20 لک وياج جا ڪوڙا ڊراما ڪري اسان مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان مسڪين ماڻهو آهيون اسان جو مينهن جو واڙو آهي کير کپائي گهر جو گذر سفر ڪيون ٿا.
هن چيو ته اجايو اسان مسڪينن مٿان 20 لک جا بي بنياد الزام هڻي ۽ دٻاءۡ وجهي پوليس کي رشوت ڏئي ۽ اپوليس هٿان اسان کي گرفتار ڪرائين ٿا، هن چيو ته انهن جي دوستي منهجي پٽ سان هئي ان کي بليڪ ميل ڪري ان کان 2 مينهون وڪرو ڪرايون ويون جنهن جي رقم به ان کان ڦري ويا آهن..
هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته هي ڄامشوري جا ڀتاخور ۽ وياج خور آهن، منهنجي پٽ جي 2 ڀيرا موٽر سائيڪل گم ڪرائي ان کان ڀتو وٺي واپس ڪرائي آهي، هن چيو ته روزاني جي بنياد تي اڍائي ڪلو کير به مفت وٺندا آهن اهو بند ڪرڻ تي مڇرجي پيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
هن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته وياج خور ۽ ڀتا خور روشن ساکاڻي چانڊيو ۽ نصرالله ساکاڻي چانڊيو خلاف ڪارروائي ڪري مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي.

129