شھدادپور پوليس گھر تي ڇاپو ھڻي ڦر ٿيل سامان سميت جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، وارثن جو احتجاج

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور پوليس سلطان سي اين جي لڳ ھڪ گھر تي ڇاپو ھڻي مھينو اڳ شھر جي  اسپتال روڊ تان اسلم پٺاڻ جي جنرل اسٽور تان ڦر ڪيل موبائيل فون ۽ روڪ رقم برآمد هڪ جوابدار مرتضيٰ سولنگي کي پسٽل سميت پڪڙڻ جي دعويٰ ڪندي سندس مٿان ڪيس داخل ڪري جوابدار کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي پوليس موجب ته مھينو اڳ ڦر ڪيل موبائيل فون ۽ پئسا ھٿ ڪري جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آھي.

ٻئي طرف گرفتار نينگر جي وارثن شهدادپور پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته شھدادپور پوليس بيگناهه اسان جي ڇوڪري مرتضيٰ سولنگي کي گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سانگهڙ جيل موڪلي ڇڏيو آھي. متاثر عورتن مسمات صابي، مسمات راڻي، مسمات شمع، اياز ۽ ميان بخش سولنگي الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪارن 50 هزار رشوت گهري نه ڏيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي. اسان غريب مسڪين پورهيت آھيون، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.