صحت جي عالمي اداري ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ طور طريقا بدلائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

news

برلن: (خميس 30 جولاءِ 2020ع) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ڪورونا وبا جي خاتمي بابت ڳالهين ۾  حقيقت ناهي ڇو ته اڃان تائين ڪورونا اسان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ روزاني جي بنياد تي ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب صحت جي  عالمي اداري جي ترجمان مارگريٽ  بيرس جرمني ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جرمني جهڙي ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ جو سبب ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ آهي.

مارگريٽ بيرس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا وبا کي پهرين ٻئين يا ٽئين لهر  ۾ ورهائڻ يا بيان ڪرڻ  بيوقوفي وارو عمل آهي ڇو ته ڪورونا وائرس ته ڪيڏانهن ويو ئي ناهي  هي هر وقت اسان سان گڏ آهي ۽ اسان سان گڏ رهندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته اسان نئين دور  مان گذري رهيا آهيون جنهن ۾  اسان هڪ موتمار وائرس کي منهن ڏئي رهيو آهيون ان جي لاءِ اسان کي پنهنجا طور طريقا بدلائڻا پوندا.