شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني موڙ تي غير قانوني مال پڙي قائم

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني موڙ تي پوليس جي موجودگي ۾ غير قانوني مال پڙي قائم.

شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني موڙ سپر هاءِ وي تي پوليس جي سرپرستي ۾ غير قانوني مال پڙي لڳائي وئي آهي، جتي ٻڪرا، رڍون ۽ ڍڳن جو سري عام واپار جاري آهي، پوليس جي موجودگي ۾ 144 قلم جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. مال پڙي قائم ٿيڻ کانپوءِ سپر هاءِ وي تان گذرندڙ ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب مسافر پريشان ٿي ويا آهن.