ميرپور بٺورو لڳ دڙي ۾ پڃاري ڪينال مٿان اڏيل زبون حال پل جي مرمت نہ ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي جي نمائندن جو احتجاج

news

ميرپور بٺورو (رپورٽ علي اڪبر بڪيرو) دڙي ۾ پڃاري ڪينال مٿان اڏيل زبون حال پل جي مرمت نہ ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي طرفان اشرف پليجو، ماما منٺار دايو، عزيز ميمڻ، گل چوهاڻ، حافظ عبدالغفور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ پڃاري ڪينال مٿان اڏيل پل جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مرمت نہ ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري پل زبون حال ٿي ڊهڻ شروع ٿي وئي آهي.

هنن چيو تہ انتظاميا جي نااهلي جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن جڏهن تہ ڪالھ ريتي سان ڀريل ٽرڪ پل تان گذرڻ وقت پل جو هڪ حصو ڊهي پيو ۽ ٽرڪ رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پئي.

هنن مطالبو ڪيو تہ موت جو پروانو بڻيل پل جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪرائي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ عيد کانپوءِ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.