راڌڻ شھر ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا سرعام هلڻ خلاف سماجي اڳواڻ ڪامريڊ انور ملاح پاران پاڻ کي زنجيرن سان جڪڙي انوکو احتجاج

news

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) راڌڻ شھر جي مختلف محلن ۾ بااثرن جا منشيات ۽ جوا جا اڏا سرعام پوليس سرپرستي ۾ هلڻ خلاف راڌڻ جي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ انور ملاح پاران پريس ڪلب ميهڙ آڏو پاڻ کي زنجيرن سان جڪڙي انوکو احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته راڌڻ شھر ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا سرعام پوليس سرپرستي ۾ هلي رهيا آھن.

جنهن خلاف گذريل 21 سالن کان مان احتجاج ڪري رهيو آھيان جنهن جو اڃا تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، هن چيو ته راڌڻ پوليس ۽ راڌڻ ۾ ڊي آء بي انچارج منشيات فروشن کان ڳري رشوت وٺي منشيات فروشن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. هن ايس ايس پي دادو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته راڌڻ شھر ۾ منشيات ۽ جوا جي اڏن جو نوٽيس وٺي فوري طور تي بند ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.