ڄامشورو ۾ ڊي سي جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن (ر) فريدالدين مصطفيٰ عيدالاضحيٰ سنڌ حڪومت پاران جاري ايس او پيز مطابق ملهائڻ کي يقيني بنائڻ، ضلعي جي سڀني کاتن جي آفيسرن کي صفائي سٿرائي، سيڪيورٽي جي انتظامن ۽ امڪاني برسات کي نظر ۾ رکندي پاڻيءَ جي نيڪاليءِ لاءِ موثر رٿابندي ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي عوام تي زور ڏنو آهي ته عيدالضحي ايس او پيز تي عمل ڪندي رش وارن هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪن ته جيئن ڪورونا وبا کي ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي.

گڏجاڻي ۾ بلدياتي ادارن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن تي زور ڀريو ويو ته هو سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي پاران قرباني جي کلن لاءِ جاري ڪيل قائدن ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ ضلعي انتظاميه سان تعاون کي يقيني بڻائين.

اھڙن خيالن جو اظھار ھن درٻار ھال ڄامشورو ۾ ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت  ڪندي ڪيو جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي ذوالفقار ميمڻ، ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر مشتاق احمد سولنگي، ڊي ايس پي ھيڊ ڪواٽر غلام شبير سرڪي، ايڪسيئن حيسڪو ڪوٽڙي، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪار، بلديه، ٽائون پبلڪ ھيلٿ کان علاوه ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پوليس کي عيدالاضحيٰ لاءِ خصوصي سيڪيورٽي پلان مرتب ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف هنڌن تي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ سنيپ چيڪنگ جون هدايتون جاري ڪيون ته جيئن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر ٽائون ۽ ميونسپل انتظاميه کي قرباني جي جانورن جون آلائشون مناسب جڳهه تي اڇلائڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ ۽ شهرن جي صفائي سٿرائي لاءِ خاص اپاءَ وٺڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون. ڊپٽي ڪمشنر موسميات کاتي پاران امڪاني بارشن کي نظر ۾ رکندي بلدياتي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪندي کين ڊيوٽي تي حاضر رهڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.