بدين: نندو شهر ۾ ٽي مهينا پهرين پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مڙس جي گهر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

news

بدين: نندو شهر جي پاڙي ۾ اولياءَ مانسره جي رهواسي نوجوان غلام مصطفيٰ ملاح سان 3 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ڳوٺ الهڏنو درس جي رهواسڻ 18 سالن جي نوجوان ناري رابعه ملاح  پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ڪاٺ  ۾ رئو ٻڌي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

واقعي جو اطلاع ملندي نندو پوليس پهچي لاش رورل هيلٿ سينٽر نندو کڻائي آئي جتي ناريءَ جي وارثن ۽ ناريءَ جي مڙس پاران لکت ۾ ڏيڻ بعد بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي لاش کڻائي ويا، جڏهن ته خودڪشيءَ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.