گولاڙچي واسي پريمي جوڙو بدين پهتو، ناري جو مڙس جي مائٽن تي قتل ڪرڻ جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل

news

بدين: گولاڙچي واسي پريمي جوڙو بدين پهتو ناري جو پريمي جي مائٽن تي قتل ڪرڻ جا الزام

خبر موجب گولاڙچي جي ڳوٺ ڪرم علي شاهه جي ناري رشيدان ڌي علي محمد جت پنهنجي پريمي محمد صادق سان پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد پريمي سميت پريس ڪلب بدين پهتي، جتي ناري رشيدان زال صادق چانگ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن پنهنجي مرضي سان صادق چانگ سان حق نڪاح ڪيو آهي جنهن تان اسان جا مائٽ ڪاوڙيل آهن.

هن الزام هنيو ته چانگ برادري جا بااثر وڏيرا ماستر دليل چانگ دِلو چانگ جلال چانگ ڌڻي بخش چانگ ۽ ڀارو چانگ وارا اسان زال مڙس کي ڪارو ڪاري ڪري مارڻ چاهين ٿا، اسان کي خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن جنهن سبب اسان کي انهن مان جان جو خطرو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي جان جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.