جيڪب آباد ۾ آمريڪي سھڪار سان تعمير ٿيندڙ جمس اسپتال ۾ دوائون غير معياري نڪتيون، ليبارٽري جي رپورٽ ۾ تصديق

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي ) جيڪب آباد ۾ آمريڪي سھڪار سان تعمير ٿيندڙ جمس اسپتال ۾ دوائون غير معياري نڪتيون، ليبارٽري جي رپورٽ ۾ تصديق.

خبر موجب جيڪب آباد ۾ آمريڪي سھڪار سان تعمير ٿيندڙ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (جمس) اسپتال جون دوائون غير معياري نڪتيون آھن ڪراچي جي ليبارٽري ۾ غير معياري دوائن جي تصديق ٿي وئي آهي ڊرگ انسپيڪٽر فيصل تنيو 28 فيبروري تي جمس اسپتال جي اسٽور مان اوليميگ گوري جو نمونو ورتو ويو جيڪا ليبارٽري اماڻي وئي هئي جنهن جي رپورٽ 5 مھينن کان پوءِ اچي وئي رپورٽ ۾ اوليميگ 5 ملي گرام جي غير معياري جي تصديق ٿي وئي آهي.

تصديق ٿيڻ بعد ڊرگ انسپيڪٽر ڪالھه جمس اسپتال پھچي اوليميگ گوري جا 1232 پيڪٽ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر فيصل تنيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ليبارٽري جي رپورٽ ۾ گورين جي غير معياري جي تصديق بعد گوريون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن غير معياري دوا رکڻ تي جمس جي ڊائريڪٽر ۽ اسٽور انچارج خلاف ڊرگ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ جمس جي عملدار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو مذڪوره گوريون صحت کاتي جي منظور ٿيل لسٽ موجب خريد ڪيون ويون آهن غير معياري گوريون نڪرڻ بعد ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. 

واضح رهي ته جمس اسپتال جي دوائن جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ مختص ٿيل آهي.