آمريڪا جو اڳوڻو صدارتي اميدوار هرمين ڪين ڪورونا وائرس سبب فوت

news

آمريڪا جو اڳوڻي صدارتي اميدوار هرمين ڪين ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 74 سالن جي هرمين ڪين جو هن مهيني ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ مثبت آيو هو.

هرمين ڪين 2012 ۾ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ٿيڻ جو خواهشمند هو ۽ صدر ٽرمپ جو حمايتي هو.

آمريڪا جي اڳوڻي صدارتي اميدوار هرمين ڪين بزنس مين ۽ ٽاڪ شو ميزبان به هو.

چوڪيدار جو پٽ هرمين ڪين ري پبلڪن مخالف مٽ رومني کان کٽڻ ۾ ناڪام ويو هو.

هرمين ڪين ڪورون وبا سبب مري ويندڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ نالي وري شخصيت آهي.