اليڪشن ملتوي معاملو: ٽرمپ کي يوٽرن وٺڻو پئجي ويو

news

نيويارڪ: اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي ري پبلڪنز جي به مخالفت سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي يوٽرن وٺڻو پئجي ويو.

ٽرمپ پنهنجي نئين بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن جو نتيجو ان ئي رات معلوم هئڻ گهرجي اهو نه ٿئي جو ڪيترن ئي ڏينهن، ڪيترن مهينن يان ڪيترن سالن تائين انتظار ڪرڻو پوي.

ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو سوال اٿاري نئون شو شو ڇڏيو هو پر اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي صدر ٽرمپ کي ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن ٻنهي جي مخالفت جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

ٻئي طرف صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ريپبلڪن پارٽي جي اهم اڳواڻن به الڪيشن ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

سينيٽر ٽڊڪروز ۽ مارڪوروبيوني صدارتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

سينيٽر ٽڊوڪروز ۽ مارڪورو بيوني صدارتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته نه جناب صدر نه توهان الڪيشن ملتوي نٿا ڪري سگهو.

وفاقي اليڪشن جي ميمبر چيو ته جناب صدر توهان کي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي.

ايلن وائنٽراني چيو ته رياستون مطالبو ڪري رهيون آهن ته توهان فنڊ ڏيو ته جيئن محفوظ اليڪشن ٿين.

اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سربراهه چيو ته جناب صدر توهان رياستن کي فنڊ ڏيڻ تي ڪم ڇو نٿا ڪريو.