ايس ايس پي گھوٽڪي ڦر ۽ چوري ٿيل سامان هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيو

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) گھوٽڪي ضلعي جي مختلف شھرن توڙي ڳوٺن مان چوري ٿيل 20  موٽرسائيڪلون ۽ ھڪ ڪار ۽ سولر پليٽون ھٿ ڪرڻ بعد ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل متاثر ماڻھن سميت ڪمار، مسرور احمد، عبدالماجد ڪولاچي، حبيب الله آرائين، حضور بخش نصيراڻي، ڪيلاش ڪمار، شمن شيخ، ۽ ٻين ۾ موٽر سائيڪلون پُڻ  ڏنيون ويون.

ان موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منھنجي پوري پوري ڪوشش آھي ته گھوٽڪي ضلعي مان ڪرائيم کي مڪمل طور ختم ڪرايان ۽ ضلعي گهوٽڪي جي عوام سڪون سان سمهي ننڊون ڪري، ضلعي گهوٽڪي ۾ امن امان تي مڪمل ضابطو آندو ويندو.

ھن وڌيڪ  چيو ته گھوٽڪي ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن جي پوليس پاران چوري ٿيل 20 موٽرسائيڪلون ھڪ ڪار ھٿ ڪئي آھي ۽ اھي متاثر ماڻھن کي ڏيئي رھيا آھيون پوليس ڪوشش ڪندي ته ٻيو به چوري ٿيل سامان ھٿ ڪري انھن کي واپس ڪرائجي، جڏهن ته پوليس 3 ڏوهارين  خادم حسين چاچڙ، ممتاز ڌونڌو ۽ ذوالفقار کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.