دڙي ۾ پ پ جي اڳوڻي ضلعي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عالمگير خلاف احتجاج ڪري ڪيس داخل ڪرايو

news

ميرپور بٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) دڙي ۾ پ پ جي اڳوڻي ضلعي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ جي قيادت ۾ سوين پ پ جيالن جو پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عالمگير پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف نازيبا گارين واري ٻولي اوڳاڇڻ خلاف سراپا احتجاج بڻجي سندس ڪيل انھيءِ ڪريل حرڪت خلاف دڙي پوليس ٿاڻي تي وڃي عالمگير خلاف ڪيس داخل ڪرائي ورتو آھي.

دڙي جي پنڃاري پل آڏو پاڪستان پيپلز پارٽيء جي جيالن پاران ڪيل پرھجوم احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي اڳوڻي پ پ ضلعي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ ڪئي، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ مظاھرين کي ارباب وزير ميمڻ، پ پ يوٿ جي ضلع صدر زاھد کڏي، محمد خان ڪڇي، پ پ تعلقي اڳواڻ محمد صديق ميمڻ، حاجي خان عباسي، عامر ميمڻ، محبوب شاهه بخاري، علي نواز جتوئي، الطاف چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي شھيد ڀٽي خلاف نازيبا زبان استعمال ڪندڙ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عالمگير خلاف ڇوهه ڇنڊيندي زبردست احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جڏھن ته ڪيل مظاھري جي پڄاڻي تي دڙي پوليس ٿاڻي وڃي عالمگير خلاف ڪيس داخل ڪرايو.