مدئجي جي ناڪي محلي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر گهر پهچي ويو، گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي جي ناڪي محلي مان 13 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پندرنهن ورهين جو نينگر محمد حسين پٽ افضل جتوئي پاڻمرادو واپس گهر پهچي ويو آهي، نينگر جي واپس اچڻ تي ميڊيا جي ٽيم سندس گهر پهتي ته نينگر جي وارثن اهو جواب ڏئي نينگر سان ملڻ نه ڏنو ته نينگر ننڊ پيل آهي، ان جي ننڊ مان اٿڻ بعد اوهان کي آگاهه ڪنداسين.

ان سلسلي ۾ گم ٿيڻ بعد واپس آيل نينگر محمد حسين جتوئي جي پيءُ افضل جتوئي چيوته پٽ چنگچي ذريعي واپس گهر پهتو ته سندس امڙ ۽ اسان ملڻ جي ڪئي ته هن سڀني کي چيوته مون کي ڪنهن سان به ناهي ڳالهائڻو مون کي آرام ڪرڻ ڏيو، ان ڪري هو ستل آهي اسان کي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪٿان ۽ ڪيئن واپس آيو آهي.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس چيو ته ڄاڻايل نينگر محمد حسين جتوئي 13 ڏينهن اڳ ڀاءُ سان ڪاوڙجڻ بعد پراسرار نموني گم ٿيو هو، جنهن جي وارثن ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته نينگر جو ڪوبه پتو ناهي پيو شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پوليس جي مسلسل ڳولا ۽ ڪارروايون جاري هيون ته اڄ نينگر واپس آيو آهي، سندس وارثن موجب هو ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ ڪنهن سان به ڳالهائڻ نه پيو چاهي، وڌيڪ تفصيل نينگر سان ملي جاچ وٺڻ بعد ٻڌائينداسين.

هوڏانهن نينگر محمد حسين جتوئي جي واپس موٽي اچڻ تي سندس گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ وڏي انگ ۾ مٽ مائٽ پڻ مبارڪون ڏيڻ لاءِ پهتل هئا.