مورو پريس ڪلب سامهون لنڊ برادري جي ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاج، ٻي ڌر پاران الزام رد، احتجاج کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو

news

مورو: مورو تعلقي جي ڳوٺ سردار خان لنڊ، ڳوٺ ميانداد خان لنڊ، ڳوٺ محمد خان لنڊ جي رهواسين مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جنهن جي اڳواڻي نور محمد لنڊ، استاد نياز بلوچ، معشوق علي لنڊ، خالد لنڊ، سردار هدايت الله ابڙو، منير احمد زرداري، سڪندر لنڊ، محمد لائق لنڊ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جتي هنن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن مورو شھر جي اوڏ ڪالوني ۾ گهٽي مان گذرڻ تان وڪالت جي آخري سال ۾ پڙھندڙ نوجوان خان محمد لنڊ کي بااثر ماڻهن بناجواز ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائي هٿ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري پوليس حوالي ڪري خان محمد لنڊ، مير محمد لنڊ، علي اڪبر جتوئي ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن تي ڪيس داخل ڪرايو آھي ۽ پوليس گرفتار ٿيل نوجوان کي نامعلوم هنڌ تي گم ڪري ڇڏيو آھي اسان کي شڪ آھي ته اسان جي نوجوان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي مارايو نه وڃي.

هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان, هاء ڪورٽ سنڌ, آء جي سنڌ پوليس, ڊي آء جي پوليس شھيد بينظيرآباد, ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ انهي معاملي جي صاف شفاف جانچ ڪرائي اسان سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي لالا غلام مجتبي ڪلهوڙو، عبيدالله عباسي، علي بخش عرف نانو ڪلهوڙو، انيس ڪلهوڙو، اقبال ڪلهوڙو، عاقب ڪلهوڙو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن وارڊ نمبر 11 جي ڪائونسلر لالا غلام مجتبيٰ ڪلھوڙو جي گھر ۾ پنج نامعلوم ھٿياربند ڦورو گھر ۾ داخل ٿي گهر مان لکين رپيا روڪ رقم سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گهر ڀاتين ۽ پاڙيسرين هڪ ڦورو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ مٿس ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جنهن کانپوءِ مذڪوره ڦورو جا ساٿي ان کي بچائڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪندي احتجاج دوران غلط پروپيگنڊا ڪري اسان ۽ پوليس تي معاملي جو ذاتي رنگ ڏئي الزام هڻي رهيا آهن، جيڪو عمل برداشت جوڳو ناهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي برادري کان سڀ واقف آهن ۽ ڪنهن سان به ڪڏهن به ڪا ناجائزي ناهي ڪئي هر عزتدار معزز شهري توڙي ٻين برادرين جا ماڻهون به اسان جي عزت ۽ شرافت جي گواهي ڏيندا، بلاجواز ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف ناهيون نه وري ڪڏهن ڪنهن جي مٿان ڪو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڄاڻايل ماڻهو دڪانن، روڊن رستن تان ڦرون ۽ گهرن مان ڌاڙا هڻن ٿا ۽ وري شلٽر حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاجن جو رستو اختيار ڪري پاڻ کي پڙهيل لکيل پيش ڪري بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن هاڻي اهو عمل هرگز نه هلندو ۽ اسان انهي عمل جي مذمت ڪريون ٿا.

هنن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل ماڻهن جو وڏو رڪارڊ موجود آهي جيڪي مختلف ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن ۽ شهر جو امن خراب ڪرڻ ۾ انهن جو هٿ رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جو لنڊ برادري مٿان ڪو الزام ناهي باقي جيڪي ڏوهاري ڏوھ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف آهي ۽ اسان آءِ جي سنڌ, ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد, ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو کان مطالبو ٿا ڪريون ته لالا غلام مجتبيٰ ڪلهوڙو جي گهر مان ڦر ڪندڙ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي شهر جو امن امان بحال رکيو وڃي.