مورو ڀرسان ڳوٺ شير خان دل جي رهواسي عورتن جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

news

مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ شير خان دل جي رهواسڻ عورتن مسمات آسيه آرائين پنهنجي نياڻين مسمات شبانا، مسمات رخسانا ۽ معصوم ٻارڙن عامر، عثمان آرائين سان گڏ قرآن پاڪ کڻي پٽ جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جتي هنن ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جي بااثر جي چوڻ تي اسان جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري اسان جي ڀاءُ سرور آرائين کي گرفتار ڪري کڻي وئي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته پوليس اسان جي ڀاءُ اصغر آرائين جي نالي چوي ٿي ته ان ٻڪري چوري ڪئي آهي جنهن سان اسان جو ڪو تعلق ناهي ۽ لاتعلق ٿيل آهي پر ان جي باوجود بااثر وڏيرو اسان جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪرائي رهيو آهي جيڪو اسان جي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جنهن مان اسان کي جاني مالي نقصان جو خطرو آهي ۽ اسان قرآن شريف کڻي مورو پوليس وٽ آيا آهيون ته اسان جي ڀاءُ سرور آرائين کي بيگناھ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کي آزاد ڪيو وڃي پر پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي اسان مورو پريس ڪلب ۾ انصاف لاء پهتيون آهيون اسان کي بااثر وڏيري مان جاني مالي خطرو آهي جيڪو ڪنهن به وقت نقصان ڏئي سگهي ٿو.

هنن چيو ته اصغر آرائين سان اسان جو ڪو واسطو ناهي اسان لاتعلق ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس هلندڙ آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل بااثر وڏيري خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.