مورو ۾ صوفي بزرگ مخدوم ابوالحسن ڏاهري جو عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

news

مورو: مورو ويجهو سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ سنڌي رسم الخط (الفابيٽ) جي باني ۽ مختلف مذھبي ڪتابن جي خالق مخدوم ابوالحسن ڏاهري نقشبندي جو ساليانو هڪ ڏينهن وارو 253 هون عرس مبارڪ سندس آخري آرام گاھ تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو۔جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سندس مريدن، عقيدتمندن ۽ زائرين مرد ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مزار تي ماڻھن جو ميلو متل رهيو مختلف صوفي ڪلاڪارن پاران کيس سرن ۽ ساڃاھ وندن پاران ديني خدمتن تي ڀرپور لفظي ڀيٽائون پيش ڪيون ويون.

عرس جي مناسبت سان سندس مزار آڏو  ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پروفيسر غلام محمد ڏاهري، عبداش پنهور، مولوي اسدالله ڏاهري، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، محمد اشرف ڏاهري، پير علي اڪبر قاضي، صحافي اختر آزاد ڏاهري ۽ ٻين چيو ته مخدوم ابوالحسن ڏاهري ٻارنهين صدي جو وڏو مدبر عالم  ڪامل صوفي بزرگ هو۔ هن پنهنجو پورو جيون دين جي راھ تان ڀٽڪي ويل ماڻھن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ جاکوڙيو۔هن سنڌي صورتخطي جو بنياد جوڙي سنڌ جي پنج هزار سالن جي قديم تاريخ کي وڏي امرتا بخشي. سندس تخليق ڪيل مذھبي ڪتاب هلندڙ توڙي ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندا رهندا، هو انسانيت جو مخلص خادم ۽ عاشق هو. هن پنهنجي سڄي ڄمار امن محبت ۽ مذھبي ڀائيچاري جي پرچارڪ ڪندي گذاري. سرڪار پاران هن مهان بزرگ کي وساري ڇڏڻ ڏکوئيندڙ عمل آھي، ڪانفرنس ۾ مقررن پاران سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کان زبون حالي مزار جي مالڪي ۽ وارثي ڪري مرمتي ڪم ۽ زائرين لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.