ڀارت ۾ شراب نه ملڻ تي سينيٽائزر پيئڻ سان اٺٽيهه ماڻهو فوت

news

آنڌرا پرديش: ڀارت ۾ شراب نه ملڻ تي پاڻي ۽ سافٽ ڊرنڪس ۾ سينيٽائزر ملائي پيئڻ سان مري ويلن جو انگ 38 تائين پهچي ويو آهي.

ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۽ پنجاب ۾ ڪورونا سبب شراب جا دڪان بند آهن پر شراب جي عادت پوري ڪرڻ لاءِ سينيٽائزر کي پاڻي، سافٽ ڊرنڪس ۽ جعلي شراب ۾ ملائي پيئڻ شروع ڪيو جنهن سبب هن وقت تائين 38 ماڻهو مري ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب نشائين جون فوتگيون بٽالا، امرتسر ۽ ترن ترن جي ضلعن ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته فوتگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف ڀارتي پنجاب جي وزيراعليٰ ڪيپٽن امريندر سنگهه جالنڌر جي ڪمشنر جي سربراهي ۾ عدالتي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.