مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ سيد افتخارالحسن لاڏاڻو ڪري ويو

news

لاهور: (آچر 02 آگسٽ 2020ع) مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ سيد افتخارالحسن پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سيد افتخارالحسن اين اي 75 مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو. هو پنهنجي علائقي جو گادي نشين به هو.

صاحبزاده سيد افتخارالحسن عرف ظاهري شاهه جو تعلق  پنجاب صوبي جي شهر سيالڪوٽ سان هو ۽ هو 2 فيبروري 1942ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. افتخارالحسن 1993 ۽ پوءِ 1998 ۾ ڊسڪه مان مسلم ليگ(ن) جي پليٽ فارم تان قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي.

سيد افتخارالحسن پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر به رهي چڪو هو. 2013 جي اليڪشن ۾ هن مسلم ليگ(ن) جي ٽڪيٽ سيالڪوٽ جي حلقي اين اي 113 تان اليڪش وڙهي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو هو.