ڀارت ۾ ڌيءَ ماءُ سان گڏ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو

news

نئين دهلي: (آچر 02 آگسٽ 2020ع)  ڀارت ۾ عورت تعليم حاصل ڪرڻ جي اعليٰ مثال قائم ڪندي ڌيءَ سان گڏ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو.

ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽرا سان تعلق رکندڙ 36 ساله عورت بي بي گورو پنهنجي 16 ساله ڌيءَ سان گڏ ميٽرڪ جو امتحان ڏنو هو جيڪو هن بهترين نمبرن سان پاس ڪيو. عورت ميٽرڪ ۾ 64.40 سيڪڙو نمبرز حاصل ڪيا جڏهن ته ان سان گڏ امتحان ڏيندڙ سندس ڌيءَ 73.20 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا.

ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪندڙ عورت جو چوڻ هو ته منهنجي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي وئي هئي جنهن سبب مان پنهنجي اسڪول جي تعليم مڪمل نه ڪري سگهيس پر  منهنجي مڙس ڌيءَ سان گڏ ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ تي زور ڏنو ۽  هن منهنجي همٿ وڌائي.

عورت ٻڌايو ته منهنجو مڙس ڪپڙو ٺاهيندڙ هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهي هن ۽ منهنجي ڌيءَ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

امتحان ۾ پاس ٿيڻ تي عورت جي مڙس خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي زال ۽ ڌيءَ گڏجي پڙهائي ڪئي ۽ سٺا نمبر حاصل ڪيا جنهن تي مون کي خوشي سان گڏوگڏ انهن تي فخر به آهي.