جرمني کنگهه ذريعي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪندڙ موبائل ايپ تيار ڪري ورتي

news

برلن: (آچر 02 آگسٽ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪيتريون ئي جديد ڪٽس تيار ڪيون ويون آهن پر هاڻ کنگهه ذريعي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪندڙ موبائل ايپ تيار ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جرميني جي هڪ ٽيڪنالاجي ڪمپني هڪ اهڙي ايپ ٺاهڻ ۾ مصروف آهي جيڪا کنگهه جو آواز رڪارڊ ڪندي ۽ ان جو تجربو ڪري ٻڌائيندي ته کنگهندڙ شخص ڪورونا وائرس مان متاثر آهي يا نه.

هن ايپ جي تحت صارفين کي پنهنجي  کنگهه يا نڇ رڪارڊ ڪرڻ  جو چيو ويندو جنهن کان پوءِ ايپ ان آوازن کي ڪورونا 19 جي مريضن جي آواز سان گڏ ڀيٽ ڪري وائرس جي سڃاڻپ ڪندي.

ٻئي طرف ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ايپ صارفين جي عمر، جنس ۽ صحت بابت سموري ڄاڻ ماڻهن جي رڪارڊنگ ٻڌڻ کان پوءِ پاڻ ئي سڃاڻپ ڪري وٺندي.