بلوچستان: اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ پندرنهن ڏينهن جي واڌ

news

ڪوئٽه:(سومر 03 آگسٽ 2020ع)  بلوچستان ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.

صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ سمورا شاپنگ مالز، مارڪيٽون، دڪانون، گودام، آٽو رپيئر شاپس ۽ هيئر ڪٽنگ سيلونز ڇنڇر کان خميس تائين صبح 9 وڳي کان رات 10 وڳي تائين کولڻ جي اجازت برقرار رهندي.

جڏهن ته جمعي تي سمورو ڪاروبار بند رهندو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تندور، پروڊڪس شاپس، ميڊيڪل اسٽورز، بلڊ بينڪس کي 24 ڪلاڪ کولي رکڻ جي اجازت هوندي.