زرتاج گل خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو

news

اسلام آباد: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) هاءِ ڪورٽ زرتاج گل ۽ ان جي صلاحڪار ملڪ امين اسلم جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عدالتي حڪم جي باوجود چڙيا گهر مان رڇن کي منتقل نه ڪرڻ جي خلاف ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت موسمياتي تبديلي جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين وائلڊ لائف بورڊ کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چڙيا گهر مان جانورن جي منتقلي جي دوران زخمي هجڻ جي معاملي تي وفاقي حڪومت کان ذميوارن جا نالا به طلب ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته شينهن سان ڇا ٿيو.؟ وڪيل ٻڌايو ته شينهن ۽ شينهڻ کي لاهور منتقل ڪيو پئي ويو ۽ ڪم جي لاءِ پروفيشنلز جي سهوليت ورتي وئي هئي. عدالت چيو ته موسميات تبديلي جو ايم سي آءِ ۽ وائلڊ لائف بورڊ صرف سياست ڪري رهيا آهن.  ٽئي کاتا پنهنجي ذميواري وٺڻ جي لاءِ تيار ناهن.

چيف جسٽس چيو ته عدالت اڳ ئي چيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به جانور کي ڪجهه ٿيو ته ڪير ذميوار ٿيندو. عدالت کي ان ڳالهه جو اندازو هو ته جانورن سان خراب سلوڪ ٿي رهيو آهي. فيصلو ڏنو هو ته ميمبرز وائلڊ لائف بورڊ سمورن جانورن کي منتقل ڪرڻ جا ذميوار هوندا. عدالت چيو ته وفاقي حڪومت جانورن جي منتقلي لاءِ بورڊ جوڙي  نوٽيفڪيشن پيش ڪيو هو.

چيف جسٽس چيو ته عدالت چيو هو ته لاڳاپيل ادارن مان ڪوبه ذميواري کڻڻ جي لاءِ تيار نه هو. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا سمورن ذميوارن جي خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وئي.؟ ان سمورن ذميوارن عدالتي حڪم جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.