نيب شريف گروپ جي چيف فنانشنل آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

news

لاهور: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) قومي احتساب بيورو(نيب) شريف گروپ جي چيف فنانشل آفيسر(سي ايف او) محمد عثمان کي گرفتار ڪري ورتو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عثمان کي شريف خاندان جي خلاف مبينه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پڪڙيو ويو آهي پر سرڪاري سطح تي محمد عثمان جي گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي وئي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عثمان جي خلاف نيب وٽ اهم ثبوت آهن. هو شريف خاندان جا اڪائونٽ سنڀاليندو هو ۽ ان تي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.

ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ الزام لڳايو آهي ته محمد عثمان کي ڳجهي هنڌ تي منتقل ڪري حبس بي جا ۾ رکيو ويو آهي. محمد عثمان جي ڀاءُ ان جي بازيابي جي لاءِ سمن آباد ٿاڻي ۾ درخواست به ڏئي ڇڏي آهي.