ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پرڏيهي وزير پاران ايل او سي جو دورو

news

اسلام آباد: (سومر 03 آگسٽ 2020ع)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار معيد يوسف لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي) جو دورو ڪيو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته هي دورو ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آهي. اسان ڪشميرين کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته ڪشميرين ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 آگسٽ جي قدمن کي ڪوبه قبول نه ڪندو. پرڏيهي وزير چيو ته حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. رپورٽ موجب لائن آف ڪنٽرول تي عسڪري اختيارين طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي آهي.

پرڏيهي وزير کي ڀارت طرفان ڪيل ڀڃڪڙين بابت به بريفنگ ڏني وئي. عسڪرين اختيارين ٻڌايو ته ڀارت ۾ لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ سوويلينز کي هٽايو ويو آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڀارتي ڀڃڪڙين سبب پاڪستاني عوام کي نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي.

عسڪري اختيارين اهو به ٻڌايو ته پاڪ فوج طرفان ڪهڙي طرح ڀارتي فوجين جي چوڪين کي نقصان پهچايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب هلندڙ سال ڀارت 1732 ڀيرا سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي. ڀارتي فوج طرفان ڪيل اڳراين سبب 14 معصوم شهري شهيد ۽ 134 زخمي ٿيا آهن.