ٽرمپ جي ڌمڪي باوجود مائيڪروسافٽ ٽڪ ٽاڪ خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

news

واشنگٽن: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) آمريڪي ڪمپني مائيڪروسافٽ اعلان ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ جي تنبيهه جي باوجود چيني ايپ ٽاڪ ٽاڪ خريد ڪرڻ بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن.

ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سيڪيورٽي  خدشن کي نظر ۾ رکندي ٽڪ ٽاڪ تي آمريڪا ۾ پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. 

آمريڪي اختيارين موجب چيني انٽيليجنس جي ذريعي هن سروس کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. پابندي  واري ٽرمپ جي ڌمڪي کان پوءِ مائيڪروسافٽ پاران ٽڪ ٽاڪ خريد ڪرڻ جو منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو.

مائيڪروسافٽ ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڪمپني جي سي اي اوصدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته چيني ايپلي ڪيشن ٽڪ ٽاڪ جي خريداري جي لاءِ ڳالهيون جاري رهنديون. ان سلسلي ۾ قومي سلامتي بابت صدر ٽرمپ جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو.