ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس: نيب ٽيم فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ آصف زرداري جي گهر پهچي وئي

news

ڪراچي: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) ٺٽه واٽر سپلاءِ جي غيرقانوني ٺيڪن تي نيب ريفرنس جي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ نيب ٽيم وڊيو لنڪ جا انتظام ڪرڻ لاءِ آصف زرداري جي گهر پهچي وئي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري فرد جرم ملتوي ڪرڻ جي لاءِ احتساب عدالت ۾ ٻيهر درخواست ڏئي  ڇڏي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٺٽه واٽر سپلاءِ ريفرنس رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي.

ريفرنس رد ٿيڻ واري درخواست تي فيصلو اچڻ تائين فرد جرم ملتوي ڪيو وڃي. احتساب عدالت آصف زرداري جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

آصف علي زرداري طرفان درخواست ايڊووڪيٽ اسد عباسي داخل ڪئي.