اميتاب بچن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي، صحتيابي کان پوءِ گهر منتقل

news

ممبئي: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) بالي ووڊ جو 77 ساله ميگااسٽار اميتاب بچن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اميتاب بچن 11 جولاءِ تي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ  ممبئي جي ناناوتي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

ميگا اسٽار جون 23 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو آيو آهي جنهن تي کيس اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي. اميتاب بچن  ٽوئٽ ڪري مداحن کي موذي وائرس مان صحتيابي جي خوشخبري ٻڌائي ۽ ان سان گڏ ئي طبي عملي جو  ٿورو به ادا ڪيو.

بالي ووڊ اسٽار جو پٽ اداڪار ابهيشيڪ بچن اڃان تائين ڪورونا وائرس مان صحتياب ناهي ٿي سگهيو ۽ هو اڃان تائين مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن  اميتاب بچن جي ننهن ايشوريا راءِ بچن ۽ پوٽي ارادهيا بچن به موذي وائرس مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ گهر منتقل ٿي هئي. بچن خاندان ۾ صرف اداڪاره جيا بچن جو ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو آيو هو.