هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني دوران مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ

news

اسلام آباد: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) هلندڙ سال جي پهرين مهيني ۾ مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ڏٺي وئي آهي. شماريات کاتي موجب جون جي مقابلي ۾ جولاءِ ۾ مهانگائي ۾ 2.50 سيڪڙو واڌ ٿي جنهن کان پوءِ جولاءِ ۾ مهانگائي جي شرح 9.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

شماريات کاتي ٻڌايو ته جولاءِ ۾ ماهوار بنياد تي ڀاڄيون 23.8 سيڪڙو مهانگيون جنهن ۾ ٽماٽا شهري علائقن ۾ 179 سيڪڙو جڏهن ته بصر 16.6  سيڪڙو مهانگا ٿيا. اهڙي طرح جولاءِ ۾ ماهوار بنياد تي آنا 10.8، مصالحا 7.5 سيڪڙو، ڪڻڪ 7.4، پٽاٽا 4.5 سيڪڙو جڏهن ته گوشت 3.9، کنڊ 3.8 سيڪڙو ۽ لوبيا 3 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

شماريات کاتي موجب جولاءِ ۾ ماهوار بنياد تي موٽر فيول 27 سيڪڙو مهانگو ٿيو جڏهن ته سالياني بنياد تي ڏٺو وڃي ته جولاءِ ۾ شهري علائقن ۾ ٽماٽا 100 سيڪڙو، پٽاٽا 63 سيڪڙو، دال مڱ 46.25 سيڪڙو، آنا 43.11 سيڪڙو، ڪڪڙ 36.69 سيڪڙو مهانگي ٿي. جولاءِ ۾ سالياني بنياد تي کنڊ 17 سيڪڙو مهانگي ٿي جڏهن ته ڪڻڪ 28.52 سيڪڙو ۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو.