آن لائن جوا کيڏڻ جو الزام: ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل

news

لاهور: (سومر 03 آگسٽ 2020ع) ڀارتي رياست مدراس  جي هاءِ ڪورٽ ۾  ڀارتي رانديگر ۽ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي خلاف هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان مٿان آن لائن جوا کيڏڻ جو الزام هنيو ويو آهي.

وڪيل پنهنجي درخواست ۾ ويرات ڪوهلي تي الزام لڳائيندي ان جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهڙين شين کي هٿي ڏيندڙ رانديگرن کي گرفتار ڪرڻ ضروري آهي. مدراس هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ويرات ڪوهلي آن لائن جوا کي پروموٽ ڪري رهيو آهي ان عرصي ۾ ڪورٽ مان ان ايپس کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جتي آن لائن گيمبلنگ ڪئي ويندي آهي.

درخواست ۾ دليل ڏنا ويا آهن ته  ان سان نوجوانن تي غلط اثر پئجي رهيو آهي. ان ۾ اڳيان چيو ويو آهي ته آن لائن گيمبلنگ جي هي ايپ پرموشن لاءِ رانديگر ويرات ڪوهلي ۽ اداڪاره تمنا جو استعمال ڪندا آهن.