افغان جيل تي هٿياربندن جو حملو، ايڪيهه ڄڻا مارجي ويا ٻائيتاليهه زخمي

news

ڪابل: (سومر 03 آگسٽ 2020ع)  افغانستان ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ هٿياربندن جلال آباد جي  هڪ جيل تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا مارجي ويا ۽ 42 زخمي ٿي پيا. 

افغان ميڊيا موجب  پهرين حملي آورن جلال آباد جي پي ڊي 4 جيل جي مرڪزي دروازي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي جنهن کان پوءِ هٿياربندن ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو.

سيڪيورٽي فورس ۽ حملي آورن وچ ۾ چڪريون 13 ڪلاڪن کان جاري رهيو. ان دوران حملي آور جيل جي سامهون شاپنگ مال ۾ مورچا بند  آهن ۽ ڪجهه جيل جي اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

هڪ افغان ڪمانڊر موجب حملي آورن جو انگ 20 کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ۽ جنهن جيل تي حملو ڪيو ويو اتي 1500 کان وڌيڪ قيدي آهن ۽  انهن مان گهڻن جو تعلق داعش سان آهي.

ٻطرفين  چڪرين ۾ 19 شهري  ۽ 3 حملي آور مارجي ويا. جڏهن ته 42 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن چڪرين دوران 700 قيدي فرار ٿي ويا پر انهن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.

مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. حملي جي ذميواري داعش قبول ڪري ورتي آهي.