نئون ديرو لڳ ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ دوران ڳوٺ آگاڻي جو رهواسي نوجوان دل جو دورو پوڻ سبب فوت

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو لڳ شديد گرمي ۽ ٻوسٽ سبب عيد جي ٻئي ڏينهن شام جي وقت پنجوديرو ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ دوران ڳوٺ آگاڻي جو رهواسي نوجوان رانديگر عامر آگاڻي فوت ٿي ويو.

مئچ کيڏڻ دوران نوجوان عامر اوچتو بيهوش ٿي گرائونڊ تي ڪري پيو جنهن کي ساٿي رانديگرن کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتي پهچڻ کان اڳ ئي هو فوت ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن موجب شديد گرميءَ سبب نوجوان دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿيو آهي.  نوجوان کي اسپتال کڻي ايندڙ ساٿي رانديگرن جو چوڻ هو ته اسان جي پنجوديرو ڳوٺ جي رانديگرن سان ڪرڪيٽ مئچ هلي رهيو هو. هلندڙ مئچ ۾ عامر اوچتو گرائونڊ تي بيهوش ٿي ڪري پيو جنهن کي اسپتال کڻائي آياسين جتي پهچڻ کان اڳ ئي هو فوت ٿي چڪو هو.

ٻئي پاسي ضروري ڪارروائي بعد نوجوان رانديگر جو مڙهه ڳوٺ اگاڻي نيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.