ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ گهر اندر پِينگهه تي راند ڪندڙ اٺن سالن جو نينگر ڳچي ۾ رسو ڦاسڻ سبب فوت

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ گهر اندر جهولو (پِينگهه ) تي راند ڪندڙ  جهولا کائيندڙ  8 سالن جو نينگر جي ڳچي ۾ رسو ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو.

ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ گهر اندر جهولو (پِينگهه) تي راند ڪندڙ جهولا کائيندڙ 8 سالن جو نينگر  حسن ولد منصور پتافي پينگهه جو رسو ڳچي ۾ ڦاسڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن اهڙي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته نينگر  حسن پتافي جي والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.