جيڪب آباد ڀرسان نانگ ڪکيل عورت جو سول اسپتال جي ڊاڪٽرن علاج نه ڪيو، زخم ناسور ۾ تبديل، احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي ) جيڪب آباد ڀرسان نانگ ڪکيل عورت سول اسپتال پھتي، 15 سئو وٺڻ باوجود علاج نه ڪيو ويو، عورت جي ڦٽ خراب ٿيڻ لڳو، عورت جو سول اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج.

جيڪب آباد جي ڳوٺ ڀائي خان بليدي جي رھواسڻ حنيفان بليدي کي نانگ 5 ڏينهن اڳ ڪکي وڌو جنهن کي وارث سول اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊيوٽي تي موجود عملي 15 سئو وٺي عورت کي انجيڪشن ھنيو جڏھن ته عورت جي زخم کي ڏسڻ لاءِ سرجن نه ھئڻ جو سبب ڄاڻائي واپس ڪري ڇڏيو. 5 ڏينهن لاڳيتو عورت زخم ڏيکارڻ لاءِ اسپتال جا چڪر ڪاٽيا پر ھر ڀيري عورت کي سرجن نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي موٽايو ويو.

گذريل ڏينهن عورت ڦٽ خراب ٿيڻ سبب ٻيھر اسپتال پھتي ته عملي پاران ڊاڪٽر نه ھئڻ جو چئي واپس وڃڻ جو چيو جنهن تي نانگ ڪکيل عورت مسمات حنيفان اسپتال جي مک دروازي تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ نانگ ڪکي وڌو آهي سول اسپتال اچڻ بعد عملي 15 سئو وٺي انجيڪشن لڳايو زخم کي ڏسڻ لاءِ سرجن نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو ويو آهي 5 ڏينهن کان لاڳيتو اسپتال اچي رھي آھيان پر ڊاڪٽر ناھي زخم ناسور ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ھن سنڌ جي وڏي وزير، وزير صحت، سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته سول اسپتال انتظاميا جي بيحسي جو نوٽيس ورتو وڃي انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري منهنجو علاج ڪرايو وڃي.