جيڪب آباد ميونسپل انتظاميا ۾ اختلافن سبب شهري عذاب ۾ مبتلا، هر طرف گندگي پکڙيل

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ شھرين جي عيد ملھائڻ جي خوشين تي ميونسپل انتظاميا پاڻي ڦيري ڇڏيو، ناليون اٿلي پيون، گندو پاڻي روڊن تي بيھجي ويو، قرباني جي جانورن جي باقيات کڻڻ لاءِ جوڳا انتظام نه ڪيا ويا، باقيات گھيٽين ۾ ھئڻ سبب شھر ۾ بدبوء ڦھلجي وئي، شھري عيد جي موقعي تي بدبوء سبب تڪليف کي منهن ڏيڻ لڳا

جيڪب آباد ۾ ميونسپل جي نااهلي سبب شھرين جي عيد جون خوشيون ملھائڻ تي پاڻي ڦيرجي ويو آهي شھر عيد جي ڏينهن گندگي ور چڙهي ويو آهي شھر جي مختلف علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي اٿلي پيو گندو پاڻي روڊن تي بيھجي ويو آهي پاڻي بيھڻ سبب شھرين کي عيد نماز ادا ڪرڻ عورتن ۽ ٻارن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي جڏهن ته سنت ابراهيمي جي ادا ڪرڻ لاءِ جانورن جي قرباني ڪرڻ بعد باقيات کڻڻ لاءِ جوڳا انتظام نه ڪيا ويا آهن شھر جي مختلف چوڪن تي جانورن جا اوجهه سميت ٻيون باقيات موجود ھئڻ سبب شھر ۾ بدبوء ڦھلجي ويو آهي ميونسپل جي نااهلي سبب شھرين جي عيد جون خوشيون بيڪار ٿي ويون آهن.

ان موقعي تي شھرين فخرالدين، محمد حسنين، خالد حسين ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ھڪ ارب روپين جو بجيٽ رکندڙ ميونسپل ڪميٽي شھرين کي سھولتون ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي پورو سال گندگي ۾ گذاريون ٿا پر ميونسپل جي نااهلي سبب عيد وارا ڏينهن به گندگي ۾ گذري رھيا آهن جڏهن ته قرباني جي جانورن جا باقيات ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيل ڪري شھر ۾ بدبوءِ پکڙيل آھي، ڪورونا سبب ٻاھر وڃڻ کان ته روڪيو ويو پر ميونسپل جي نااهلي سبب بدبوءِ ھئڻ سبب گھرن ۾ رھڻ ۾ به سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون شھرين سي ايم او ميونسپل ڪميٽي نصراللہ سرڪي کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نااهل چيف ميونسپل آفيسر کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شھر جي صفائي بھتر بڻائي سگهجي.

جڏهن ته چيف ميونسپل آفيسر ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۾ اختلاف چوٽ چڙهي وڃڻ جي ڪري شھر جي صفائي نه ٿي سگهي آهي، شھر ۾ عيد کان اڳ ۽ جانورن جي قرباني بعد صفائي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻو ميونسپل چيئرمين عباس جکراڻي جيل اندر کان ميونسپل جو وھنوار ھلائي رهيو آھي جڏھن ته وائيس چيئرمين کي چيئرمين بڻايو ويو جنهن بعد ھاڻي چيئرمين آصف مغيري کي بي اختيار بڻايو ويو آهي چيئرمين جا سڀ اختيار چيف ميونسپل آفيسر نصراللہ سرڪي جي حوالي ڪيا ويا آهن ميونسپل چيئرمين آصف مغيري بي اختيار ٿيڻ کان عيد جو موڪل وٺي ھليو ويو آهي جڏهن ته سي ايم او جيل اندر موجود اڳوڻي چيئرمين جي مرضي مطابق ڪم ڪرڻ لڳو آهي جنهن سبب ڪاروھنوار متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته چيف ميونسپل آفيسر نصر اللہ سرڪي شڪايتون کڻي ايندڙ شھرين کي ڪم کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف چيف ميونسپل آفيسر نصر اللہ سرڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون ڪنهن به شھري کي جيل اندر قيد ٿيل اڳوڻي چيئرمين کان حڪم وٺي ڏيڻ لاءِ نه چيو آهي جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين آصف مغيري سان ڪوڙي پروموشن ڏيڻ جي معاملي تي اختلاف ھلي رھيا آھن جنھن ڪري آئون ڪنهن به بل تي صحيح نه ڪري رھيو آھيان، چيئرمين آصف مغيري سوئيپرن کي ڪلارڪ بڻائڻ چاهي ٿو جيڪو حڪم مون نه مڃيو آهي، ميونسپل چيئرمين جي بي اختيار جي سوال تي هن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين وٽ اختيار آھن ھو ڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي ته ٻي ڳالهه آهي.

ذريعن موجب ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد ۾ 300 کان مٿي صفائي لاءِ ملازم ڀرتي ٿيل آهن ميونسپل جي صفائي ڪندڙ عملي ۾ اڪثريت سفيد پوش ماڻھن جي آهي جيڪي گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن جنھن سبب شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي جڏهن ته اڪثر صفائي وارو عملو بااثرن جي بنگلن تي مقرر ٿيل آهي جنهن جي پگھار ميونسپل ڪميٽي کان ادا ڪئي ويندي آهي.