مسوڀرڳڙي لڳ واڻڪي وسي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران عيد ملن پارٽي منقعد ڪئي وئي

news

مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي لڳ واڻڪي وسي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران عيد ملن پارٽي منقعد ڪئي وئي جنھن جو مھمان خاص ليکڪ دانشور ۽ استاد امداد گوپانگ ھو.

ان موقعي تي خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي امداد گوپانگ چيو ته علم سان ئي معاشره تعمير ٿيندا آھن، پنهنجي اولاد جي تعليم سان گڏ سٺي تربيت به ڪريو، سماج مان ھر نشي ۽ برائي جو خاتمو ڪريو ڇو جو اھو توھان جي نسلن کي بچائڻ لاء ضروري آھي، ھن چيو واڻڪي وسي مني ماسڪو آھي ھتي جيڪو معاشرو قائم آھي سو موسٽ ايجوڪيٽڊ آھي، ھن چيو سنڌ ۾ ھڪ بکر جمالي ۽ ٻيا ٿر جا شاگرد ڏاڍا محنتي آھن. ھن چيو ته معاشري جي اڏاوت لاءِ اسان کي پھرين  ھڪ قوم ٿيڻو پوندو ھن  چيو ته جيڪي وڏيرو توھان جي عزت نٿو ڪري ۽ توھان کي پٽ تي ويھاري ٿو ان جي اڳيان پٽ تي نه ويھو بيٺا رھو ته گھٽ ۾ گھٽ ان جي قد کان توھان جو قد اونچو ته رھي.

ھن چيو ته ھي واڻڪي وسي جي ماڻھن ، گلن ، جنگي ميدانن ۽ خوبصورت وڻن جي محبت آھي جيڪا ھتي ڇڪي اچي ٿي.

ان موقعي تي عيد  گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر ثمر جتوئي، لطيف لغاري، سائين غلام علي لغاري، منظور لغاري،  ايڊوڪيٽ محب لغاري، پير نوناري، مدثر مھدي لغاري، پانچورام، شبير لغاري، رياض نوناري، ڪامريڊ مظفر لغاري، ڪامريڊ نثار لغاري، فريد لغاري، مدن لعل، بشير لغاري، محبوب لغاري، علي رضا چنڊ، غلام قادر وسير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.