بدين ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي، قرباني جي جانورن جا اوجهه تعليمي ادارن ۽ اسپتالن اڳيان اڇلايل

news

بدين(رپورٽ:تنوير آرائين) عيدالاضحيٰ جي 3 ڏينهن دوران شهرين پاران مختلف جانورن جي ڪيل قرباني بعد شهر جي مختلف پاڙن ۾ گڏ ٿيل اوجهه ۽ ٻئي گند ڪچري کي ميونسپل ڪميٽي جي صفائي واري عملي پاران کڻڻ بعد اهو ڪچرو شهر کان ٻاهر اڇلڻ بجاءِ وچ شهر ۾ سول اسپتال روڊ تي جتي ٿيلسميا ڪيئر سينٽر، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس، اسلاميه ڪاليج، او پي ايف اسڪول ۽ پير عالي شاهه اسپورٽ اسييڊيم وٽ روڊ ڀرسان ئي اڇلي ڇڏيو آهي.

اهڙي عمل سبب روڊ جي ڀرپاسي گندگي ڦهلجڻ سان گڏ بدبوءِ پڻ پکڙجي وئي آهي جنهن سان بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو آهي.