سجاول:يوم شهداءِ جي موقعي تي ايس ايس پي آفيس ۾ تقريب، وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت
ويب ڊيسڪ | 6 مھينا پھريان

سجاول(رپورٽ:نديم ميمڻ) 4 آگسٽ يوم شھداءِ جي موقعي تي ايس ايس پي آفيس سجاول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر، ڊي سي سجاول محمد اسماعيل ميمن، واپاري اڳواڻن، صحافين ۽ ٻين شهرين شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ سنڌ پوليس جي شھيدن کي سلامي پيش ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر چيو تہ مذهبي ۽ سياسي پروگرامن جي سيڪيورٽي جو نظام، امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻي هجي يا وي آئي پي مومينٽ پوليس جو ان ۾ اهم ڪردار هوندو آهي.
هن چيو تہ ڪرونا وبا ۾ سنڌ پوليس جا 3 هزار اهلڪار ۽ آفيسر پنهنجو فرض ادا ڪندي ڪرونا وائرس جو شڪار ٿيا جن مان 17 آفيسرن ۽ جوانن پنهنجون جانيون قربان ڪيون، هن چيو تہ ضلعي جي پهرين شھيد اهلڪار شاهنواز برهماڻي کي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پوليس مقابلي جي دوران خطرناڪ ڏوهاري کي ماريو ۽ پاڻ شھيد ٿي ويو.
ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو تہ سجاول پوليس جي ٽيم اڄ بہ شھيد شاهنواز برهاڻي جي گهر تي موجود آهي اسان هر وقت ان جي گهر وارن سان رابطي ۾ رهندا آهيون ۽ پوليس پنهنجي شھيد اهلڪار کي ڪڏهن بہ نہ وساريندي.
تقريب کي ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ شھادت هڪ سعادت آهي ۽ اها نصيبن وارن کي ملندي آهي، هن چيو تہ ڪرونا وائرس ايمرجنسي ۾ پوليس جي خدمتن کي هميشہ ياد ڪيو ويندو.

57